SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Power Transition Theory

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pauər
  • kstouðpauərɔfn
  • trænziʃən
  • θiəriː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Power Transition Theory

پاور ٽرانزيشن ٿيئري

عُبوري طاقت وارو نظريو

’اي- ايف- ڪي اورگانسڪيءَ‘ جي ڪتاب ”عالمي سياست“ (1958) ۾ ڏنل نظريو، جيڪو بين الاقوامي سياسي نظام جي ترتيب وار هيٺين طرح ورڇ ڪري ٿو.
(1) بالا دست رياست: جيڪا پنهنجن وسيلن، آبادي، پيداوار واري سياسي سگهه ۾ اڳڀري هُجڻ سبب ننڍين رياستن مٿان پنهنجو دٻدٻو ويهاري ٿي.
(2) عظيم طاقتون: طاقتور رياستن تي ٻڌل گروهه، جيڪي عالمي سياسي سرشتي کي پنهنجن ترجيحن جي تابع رکڻ جي سلسلي ۾ هڪٻئي جي مفادن جو خيال رکندي دنيا کي حصن پتين ۾ ورهائي پنهنجي ”اثر“ وارا علائقا قائم ڪن ٿيون.
(3) وچٿريون طاقتون: موچاري سگهه رکندڙ اهڙيون رياستون جيڪي پنهنجن خطن/ علائقن ۾ ”لٺ سردار“ وارو ڪردار ادا ڪندي، ڪنهن به عظيم طاقت جي سُئي ڌاڳي ۾ رهن ٿيون ۽ عالمي سرشتي ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي صلاحيت نه رکندي علائقائي لحاظ کان معتبر هجن ٿيون.
(4) ننڍيون طاقتون: دنيا جون مڙئي رياستون جن جو بين الاقوامي نظام ۾ ڪوبه فيصلائتو ڪردار نه هوندو آهي، پر ٻين سگھارين ڌرين جي چوڻ ۾ هونديون آهن.
هن نظريي موجب جڏهن به ڪا اڀرندڙ طاقت ڪنهن موجود سگھاري رياست جي اختيار کي للڪاريندي آهي ته دنيا ۾ جنگ اڻ ٽر بڻجي ويندي آهي. اها صورتحال تيستائين جاري رهندي جيستائين سگھاري ڌر کي حصو پتي نٿو ملي. ساڳي طرح دنيا ۾ اتحاد ۽ امن ان صورت ۾ جاري رهندو جڏهن اتحاد ۾ شامل مختلف ڌريون سياسي سرشتي مان هڪ جيترو فائدو حاصل ڪنديون.جڏهن به صورتحال انهن ٻن ڪيفيتن کان ٻاهر هوندي دنيا ۾ طاقت جو عدم توازن پيدا ٿيندو.


Remember Me Also:

ادعا

ث. [ع. اِدعاءُ = ڪوڙي دعوا ڪرڻ] ڪُوڙي ڇڪتاڻ. ڪوڙي دعوا. تقاضا ، حق.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal